رَوضِ عشق

رَوضِ عشق

رَوضِ عشق

رَوضِ عشق (ڪتاب): هي ڪتاب فقير عبدالقادر عرف قادر بخش بيدل جو چيل ليليٰ مجنون ۽ هير رانجهي جو منظوم عشقيه داستان آهي. هي ٻئي داستان فارسي زبان ۾ قطعي جي صنف جي پيرائي ۾ چيل آهن، جن کي مرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘ مرتب ڪيو آهي. مرتب، ڪتاب ۾ بيدل جي شاعري، ٻولي ۽ داستانن ۾ شامل قرآن پاڪ جي آيتن، داستانن جي ماهيت، عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ٻنهي داستانن بابت موجود مواد جي تفصيل سان گڏ ٻنهي مثنوين جو تت به شايع ڪيو آهي. ان سان گڏ تفصيلي حاشيا به لکيا آهن. ڊيمي سائيز جي 88 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب بيدل يادگار ڪاميٽي روهڙيءَ 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، ان ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو